قادر بخش مخلص چانڊيو

قادر بخش ’مخلص‘چانڊيو : ناميارو شاعر ۽ اديب قادر بخش ’مخلص‘ ولد صحبت خان چانڊيو، 23 مارچ 1952ع تي ڳوٺ گهنور خان چانڊيي، تعلقي ساماري،ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بنيادي طور زميندار آهي. سندس شاعريءَ ۾ استاد مشهور عوامي شاعر محمد هوت ’مجرم‘ لغاري هو. قادر بخش ’مخلص‘ 1978ع ۾ٽنڊي جان محمد ۾ ’صائم اڪيڊمي‘ قائم ڪئي، جنهن ’وٺا پٽ پراڻ‘ ڪتاب شايع ڪيو. 1979ع ۾ ’تاج اڪيڊمي جهڏو‘ قائم ڪيائين، جنهن ’ڏونگر ڏک مَ ڏي‘ ڪتاب شايع ڪرايو. هن جي ڪوشش سان ’چانڊيا پبليڪيشن‘ جو بنياد به پيو، جنهن طرفان پهريون ڪتاب ’سنيها سرير جا‘ شايع ٿيو. ’چانڊيا ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ جو نشر و اشاعت سيڪريٽري، سنڌ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ۽ رهبر ادبي سوسائٽي گهنور خان چانڊيي جو رابطا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.23  عيسوي

قادر بخش ’مخلص‘ ولد صحبت خان چانڊيو، 23 مارچ 1952ع تي ڳوٺ گهنور خان چانڊيي، تعلقي ساماري،ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر لعل هنڱوراڻي
ضياء شڪيل احمد
شير مهراڻي ڊاڪٽر
سنڌو پياسي
صابري عبدالغفار مولانا
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
شهيد سومرو
جئسنگهاڻي شيام
مدد علي سنڌي
اويس ڀٽو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون